اليڪشن 2024 : پي ايس 28 خيرپورميرس III
ميرواھ نارا تي ھڪ نظر
اليڪشن 2024 ۾ ھن تڪ جي ووٽرن جي تعداد ۾ 60 ھزار نون ووٽن جو اضافو ٿيو آھي، ياد رھي تہ 2018 وارن اليڪشن ۾ ھن تڪ تي ڪل ووٽن جو تعداد 146792 ھيو جنھن ۾ مرد ووٽر 81425 ۽ عورت ووٽر جو تعداد 65367 ھيو جڏھن تہ اليڪشن 2024 ۾ منظر عام تبديل ٿي چڪو آھي، ڇو تہ ھن تڪ ۾ نوان علائقا ضم ٿيڻ سان گڏو گڏ پراڻا علائقا ھتان ڪٽيا ويا آھن، اليڪشن 2024 جي ڳالھ ڪجي تہ ھن ڀيري ٽوٽل ووٽرن جو تعداد 207136 آھن جنھن مان مرد ووٽر 110202 ۽ عورت ووٽر 96934 آھن، جڏھن تہ ڪل پولنگ اسٽيشنز 133 آھن،
جڏھن تہ 152927 ووٽرن جو تعداد ميرواھ تعلقي سان 54209 ووٽرن جو تعداد ناري تعلقي سان آھن، پولنگ اسٽيشنز مان 97 ميرواھ ۽ 36 پولنگ اسٽيشنز تعلقي ناري ۾ آھن
ھن ڀيري منظر عام ڪافي دلچسپ ٿيڻ جي اميد ڪري سگھجي ٿي.
0 Comments